دُلان نئن

دُلان نئن: دُلان نئن ضلعي قنبر- شهداد ڪوٽ ۾ آهي. هيءَ نئن چانڊين جي جاگير جي وڏين نئين مان هڪ آهي. هن نئن ۾ مختلف هنڌن تان نئن شهار، نئين ڪيهر جي راڌ، سگھرو ۽ سالاري نئن جو پاڻي پوي ٿو. هن نئن تي ڪاڇي جي تمام سٺي آبادي ٿئي ٿي. هن نئن جي اوڀر ۾ سگھرو نئن آهي.


لفظ دُلان نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو